ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)رينجرز ۽ ايس آءِ يو ڪراچي جي پراڻي گوليمار علائقي ۾ ڀتا خورن خلاف گڏيل آپريشن ڪيو.رينجرز ترجمان موجب، آپريشن دوران شڪي ماڻهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ ٻن زخمي جوابدارن سميت چار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.ترجمان چيو ته گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار ۽ وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.جوابدار ڀتا خوري مافيا جي سرغنه کي بلڊرز ۽ ڪاروباري ماڻهن بابت معلومات فراهم ڪندا هئا.ترجمان چيو ته گرفتار جوابدار ڀتا خوري نه ملڻ تي هوائي فائرنگ ڪري خوف پکيڙڻ ۾ پڻ ملوث آهن.










