ڪراچي: پوليس مقابلي ۾ اسٽريٽ ڪرمنل مارجي ويو

ڪراچي: پوليس مقابلي ۾ اسٽريٽ ڪرمنل مارجي ويو

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ماڊل ڪالوني واري علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ بدنام اسٽريٽ ڪرمنل مارجي ويو.ايس ايس پي ڪورنگي فدا حسين جانوري موجب، مقتول جوابدار رضوان ڪجهه مهينا اڳ لانڌي ۾ ڦر جي مزاحمت ڪرڻ تي 12 سالن جي ٻار جي قتل ۽ سندس ماءُ کي زخمي ڪرڻ ۾ ملوث هو.ايس ايس پي ڪورنگي فدا حسين جانوري چيو ته پوليس مقابلي دوران جوابدار جو ساٿي فرار ٿي ويو ۽ ڳولا جاري آهي، مقتول ٻار جي ماءُ پاران به جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.هن چيو ته جوابدار رضوان اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هو ۽ ان خلاف مختلف ٿاڻن ۾ ڪيترائي ڪيس داخل آهن.پوليس موجب، جوابدار ڦر دوران ڪيترن ئي ماڻهن تي فائرنگ پڻ ڪئي، ۽ سندس ڪاررواين جي سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو