ڪراچي: مختلف علائقن ۾ مقابلا، 4 جوابدار گرفتار، 2 فرار

ڪراچي: مختلف علائقن ۾ مقابلا، 4 جوابدار گرفتار، 2 فرار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مبينا پوليس مقابلن دوران چار جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا.فيروز آباد پوليس ۽ طارق روڊ ويجهو جوابدارن ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو. ٻه طرفي فائرنگ جي تبادلي دوران ٻه جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته جوابدارن جا ٻه ساٿي رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي فائرنگ ڪندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. گرفتار ۽ زخمي جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا.پاڪ ڪالوني ۾ پوليس مبينا مقابلي کانپوءِ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ حراست ۾ ورتو، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، چوري ٿيل موبائل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار سمورن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو