ڪراچي مان ساڍا 20 ڪروڙ ڦريندڙ جوابدار پشاور مان گرفتار

پشاور(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نجي بينڪ جي پيسن سان ڀريل گاڏي ڦريندڙ جوابدارن کي پشاور مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ڪينٽ پشاور جو چوڻ آهي ته 3 جوابدارن کي تهڪال ٿاڻي جي حد ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن وٽان 70 لک روپيا ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل گاڏي هٿ ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ڪينٽ موجب جوابدارن 10 آگسٽ تي ڪراچي ۾ نجي بينڪ مان پيسا کڻي ويندڙ گاڏي مان ڦر ڪئي هئي، واردات جي دوران 20 ڪروڙ 50 لک روپيا ڦر ڪيا ويا هئا، جوابدار جي گرفتاري بابت ڪراچي پوليس کي آگاهه ڪيو ويو آهي. پشاور پوليس جو چوڻ آهي ته واردات ۾ بينڪ جي گاڏي جو ڊرائيور جوابدارن سان رابطي ۾ هو، جنهن کي ڊرامائي انداز  ۾ هٿيارن جي زور تي روڪيو ويو هو، جوابدارن اڻڄاتل هنڌ پهچي رقم تقسيم ڪري ٻئي گاڏي ۾ روانو ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو