ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) خاص ٻارن لاءِ چڙيا گھر جي داخلا فيس ختم ڪئي وئي آهي.ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب موجب، خاص ٻارن لاءِ چڙيا گھر جي آفيسرن کي فوري طور تي حڪم جاري ڪيا ويا آهن.مرتضيٰ وهاب چيو ته خاص ٻار اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ سماج کي ذميواري کڻڻ گهرجي، سنڌ حڪومت خاص ٻارن لاءِ روزگار، مهارت ۽ آگاهي جا منصوبا هلائي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته جديد تعليم، مددگار ڊوائيسز ۽ مناسب نصاب خاص ٻارن لاءِ ترجيح آهن.










