ڪراچي جي حساس علائقن جي ڊرونز ذريعي نگراني ڪئي وڃي

ڪراچي جي حساس علائقن جي ڊرونز ذريعي نگراني ڪئي وڃي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ صوبي جي امن امان جي مجموعي صورتحال بابت هڪ اهم اعليٰ سطحي جائزي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سميت لاڳاپيل اعليٰ پوليس ۽ سيڪيورٽي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران آءِ جي سنڌ جي گھرو وزير کي موجوده سيڪيورٽي حالتن، امڪاني خدشن ۽ جاري قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سيڪيورٽي پلان تي ٻڌل حڪمتِ عملي ۽ بچاءَ بابت قدمن جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. گھرو وزير هدايت ڪئي ته بارڊر علائقن ۾ امن ۽ استحڪام قائم رکڻ لاءِ انٽيليجنس رپورٽن (IR) کي بامقصد ۽ اثرائتو بڻايو وڃي ۽ انهن رپورٽن جي بنياد تي امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ حڪمتِ عملي تيار ڪئي وڃي. هن پابندي هيٺ آيل تنظيمن، فرقيواريت ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مربوط ۽ جامع لائحهِ عمل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حساس جاين سميت سڀني اهم هنڌن جي سيڪيورٽي غيرمعمولي سطح تائين يقيني بڻائي وڃي. گھرو وزير امڪاني دهشتگرد حملن کي نظر ۾ رکندي اندروني ۽ بيروني رستن کي مڪمل طور محفوظ بڻائڻ، مسجدن، مدرسن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي انتظاميه سان صلاح مشوري ذريعي فول پروف بڻائڻ تي زور ڏنو. هن واضح ڪيو ته آفيسر صرف آفيسن تائين محدود نه رهن، پر ميدان ۾ پنهنجي موجودگي يقيني بڻائن ۽ ذميواريون سرگرم انداز ۾ نڀائين. انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز کي وڌيڪ تيز ڪرڻ، سنيپ چيڪنگ، پڪٽنگ، ريڪي نگراني، پيٽرولنگ ۽ ناڪابندي جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جون به هدايتون جاري ڪيون ويون. سنڌ جي گھرو وزير اهم ۽ حساس جاين جو سيڪيورٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته دهشتگردي خلاف کاتي (سي ٽي ڊي) لاءِ گهربل وسيلن بابت جامع سفارشون پيش ڪيون وڃن. انهن سفارشَن ۾ ڊرونز، جديد گاڏيون، ايڪسپلوزيو ڊيٽيڪٽرز ۽ ٻيو جديد اوزار ۽ سامان شامل هجي. ڪراچي جي امڪاني حساس علائقن ۾ ضرورت پوڻ تي ڊرون سرويلنس جي استعمال ۽ ان مقصد لاءِ الڳ ڊرون يونٽ قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڏني وئي. سنڌ جي گھرو وزير زور ڏنو ته اسپيشل برانچ جي وڌيڪ اپ گريڊنگ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اسپيشل برانچ کي دهشتگردي خلاف قدمن ۾ هر اول دستي جو ڪردار ڏنو ويندو ۽ ان کي وڌيڪ مضبوط، اثرائتو ۽ جديد تقاضائن سان سلهاڙيو ويندو. هن چيو ته اسپيشل برانچ صوبي جي ڪور ونگ هوندي ۽ ان جون انٽيليجنس رپورٽون قابلِ اعتماد ۽ مضبوط بڻايون وينديون ته جيئن صوبي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس جي پڄاڻي تي سنڌ جي گھرو وزير سڀني لاڳاپيل ادارن کي گڏيل رابطن، اڳواٽ حڪمتِ عملي ۽ مربوط ڪارروائين ذريعي هر حال ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جيز ڪراچي، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ، ڊي آءِ جيز، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ، سي پي ايل چيف، ايس ايس پي آپريشنز ون سي ٽي ڊي سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي۔

پهنجو تبصرو موڪليو