ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث چار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.رينجرز ترجمان موجب، ڪراچي جي گلشن غازي بلديا ٽائون ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.گرفتار جوابدار اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهن.رينجرز ترجمان چيو ته جوابدارن کي ڦر جي سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي.










