ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مشرف ڪالوني واري علائقي ۾ هڪ گهر ۾ فائرنگ ۾ هڪ عورت سميت ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ ٻي عورت زخمي ٿي پئي.پوليس موجب، شروعاتي طور تي فائرنگ ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهي آهي. فوت ٿيندڙن ۾ هڪ مڙس، زال ۽ پٽ شامل آهن، جڏهن ته زخمي ڇوڪري گهر ۾ مهمان هئي.پوليس واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا آهن. فائرنگ صبح جو ساڍي 6 وڳي ٿي.










