ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر ۾ ڏينهن جي وقت ڊمپرن ۽ ڳري ٽرئفڪ جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، صبح 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين شهر ۾ ڳري ٽرئفڪ جي داخلا تي پابندي هوندي. ڏينهن جي وقت ڳري ٽرئفڪ جي داخلا تي پابندي 2 مهينن لاءِ لاڳو ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، ڳري ٽرئفڪ سپر هاءِ وي کان نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ڏانهن وڃي سگهندي، ساڳئي طرح ڳري ٽرئفڪ کي نيشنل هاءِ وي کان گودام چورنگي، يونس چورنگي، دائود چورنگي کان جام صادق پل تائين وڃڻ جي اجازت هوندي.ڳري ٽرئفڪ کي ناردرن بائي پاس کان پراچا چوڪ، سيمينس چورنگي، ناردرن بائي پاس کان گل بائي، ماڙي پور کان ڪراچي پورٽ، لنڪ روڊ کان ڪاٺوڙ کان سسي ٽول پلازا تائين وڃڻ جي اجازت هوندي.










