ڪجهه معلومات اهڙي هوندي آهي جنهن تي سڀني جي پهچ ناهي هوندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ملازمن بابت ڄاڻ تائين پهچ ۽ سنڌ انفارميشن ڪميشن جي فيصلي جي خلاف جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا آهن ته ڪجهه معالومات اهڙي هوندي آهي. جنهن تائين سڀني جي پهچ ناهي هوندي. سومر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملازمن بابت ڄاڻ تائين پهچ ۽ سنڌ انفارميشن ڪميشن جي فيصيلي جي خلاف ٻڌڻي ٿي. درخواست گذار عامر بلوچ چيو ته ڄاڻ تائين پهچ جي قانون تحت هر شهري کي ادارن جي معالومات جو حق آهي. جسٽس عقيل احمد عباسي رمارڪس ڏنا ته اوهان ڇا ڄاڻڻ چاهيوٿا. درخواستگذار چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ملازمن جو تفصيل گهربل آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪجهه معلومات اهڙي هوندي آهي. جنهن تائين سڀني جي پهچ ناهي هوندي. درخواستگذار چيو ته قانون موجب انفارميشن ڪميشن سمورن ادرن جي ڄاڻ فراهمي جو مجاز آهي. انفارميشن ڪميشن چيو ته هو هاءِ ڪورٽ کي هدايت نٿو ڏئي سگهي. سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي چڪو آهي. هڪ جج راءِ ڏني هاءِ ڪورٽ جي ڄاڻ به وٺي سگهجي ٿي. عدالت درخواست گذآر کي اڃا وڌيڪ تياري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت رمارڪس ڏنا ته اوهان 15 نومبر تي اڃا وڌيڪ تياري ڪري اچو پوءِ ڏسون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو