ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ايڪس بند ڪرڻ بابت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي لکيل خط جا سبب طلب ڪري ورتا آهن.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ايڪس ۽ انٽرنيٽ جي بندش خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته گهرو وزارت تسليم ڪيو ته ايڪس بند ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي کي لکيو هو پر ايڪس بند ڪرڻ جا سبب نه ٻڌايو ويو.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته ايڪس ڇو بند ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ايڪس اينڪس ڪالهه هلي رهيو هو.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايڪس به هلي رهيو آهي يا نه؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته مان هدايتون وٺان ٿو ته ايڪس هلي رهيو آهي يا نه. ايڊيشنل اٽارني جنرل ايڪس جي بندش بابت گهرو وزارت جو نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌايو.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سوشل ميڊيا ايپ کي غلط خبرن تي 50 ڪروڙ تائين ڏنڊ پئجي سگهي ٿو، سوشل ميڊيا کي بند ڪرڻ کان اڳ سروس فراهم ڪندڙ کي نوٽيس جاري ڪيو ويندو آهي، پاڪستان ۾ چار کان پنج ڪروڙ ماڻهو ايڪس استعمال ڪندا آهن. هن چيو ته وي پي اين ذريعي انٽرنيٽ جي اسپيڊ تمام گهٽ آهي، هن ايڪس کي قلم جي اسٽروڪ سان بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت اسان کي مٿي کان معلومات ملي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسان کي هدايتون وٺڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته رڳو ايڪس بند ڇو ڪيو ويو آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي پڇاڻو ڪيو ته توهان کي ملڪ هلائڻو آهي، توهان کي زميني حقيقتن جي خبر آهي، توهان کي ملڪي مفاد جي به خبر آهي، ڪجهه شيون هٿ مان نڪري رهيون آهن ان سان ڪنهن کي به فائدو ناهي.معزز جج وڌيڪ چيو ته ادارا، عدالتون ڪنهن لاءِ آهن؟ ماڻهن لاءِ آهن، جيڪڏهن اهڙا ماڻهو آهن ته پوءِ اسان آهيون، اهڙين عهدن تي ويهڻ وقت به شرم ٿو اچي، آئين جي پاسداري ۽ ملڪي مفاد ضروري آهي.عدالت چيو ته ايڪس جي بندش بابت لکيل خط جا سبب ٻڌايو وڃي، انٽرنيٽ جي بندش سبب دنيا اسان تي کلندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو