نگران وزيراعظم کي هٽائڻ واري درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي هٽائڻ واري درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.جسٽس شاهد بلال حسن نگران وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت چيو ته نگران وزيراعظم کي هٽائڻ جي درخواست ناقابل سماعت آهي،وفاقي حڪومت جي وڪيل درخواست کي ناقابل سماعت قرار ڏيڻ جي درخواست ڪندي چيو ته اهڙو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. درخواستگذار 90 ڏينهن پورا ٿيڻ کانپوءِ نگران وزيراعظم کي هٽائڻ جي درخواست ڪئي هئي.درخواست ۾ چيو ويو ته 90 ڏينهن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ نگران وزيراعظم جي مقرري غير موثر ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو