ڪاڪڙ جي ڪويت جي ولي عهد سان ملاقات، ياداشتن تي صحيحون

ڪويت (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ جن ۾ واپار، توانائي، آءِ ٽي، معدنيات ۽ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڪويت جي ولي عهد شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪئي.


ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪويت سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت کي ورجايو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گهڻ طرفي فورمن تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن صحت، سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀرتي تي ڪويت جي قدمن کي ساراهيو. ڪويت جي ولي عهد پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم ڪويت جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي، جنهن جو بنيادي مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 6 ڏهاڪن کان پراڻن لاڳاپن کي اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو