تاشقند: (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آذربائيجان جي صدر الهام عليئيف سان ملاقات ڪئي آهي.نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليئيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، واپار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر عليئيف اسلاموفوبيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت ٻين گڏيل چيلنجز، علاقائي تعاون ۽ اجتماعي خوشحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اي سي او جي اهم ڪردار تي به ڳالهيون ڪيون.وزيراعظم آذربائيجان لائين جي پاڪستان لاءِ سڌو سنئون فلائٽ آپريشن جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ڪاروبار، سياحت ۽ ماڻهن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ انساني بحران ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي تازه ترين صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون.وزيراعظم آذربائيجان جي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت خاص طور تي قره باغ جي حوالي سان پاڪستان جي اڻڌري حمايت جو به اعلان ڪيو.










