نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف فهميدا ۽ ذوالفقار مرزا جون اپيلون رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ قائم اپيليٽ ٽربيونل نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ ذوالفقار مرزا جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون،حسنين مرزا ۽ حسام مرزا جي اپيلن تي ٻڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي،قومي تڪ اين اي 223 بدين تان ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ ذوالفقار مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا هئا، ٻنهي اڳواڻن ۽ سندن پٽن جا نامزدگي ڪاغذ بينڪ جو باقيدار هئڻ جو سبب ڄاڻائي رد ڪيا ويا هئا،پيپلزپارٽي جي سعيد جاويد نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض واريا هئا، حسام مرزا جي قومي تڪ اين اي 223 ۽ حسنين مرزا جا صوبائي تڪ پي ايس 70 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا هئا،سني تحريڪ جي سربراهه ثروت اعجاز قادري جي به نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل رد ڪئي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو