ڪارونجهر يا ان جي حدن ۾ ڪٽائي نه ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد (ن س) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف داخل پٽيشنز تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف داخل پٽيشنز تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪارونجهر جبل توڙي ان جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪٽائي نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن گرينائيٽ يا هيريٽيج قرار ڏنل حصن اندر ايڪسيويٽر هليو ته ان جو ذميوار ڊي سي ۽ ايس ايڇ او هوندا عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪارونجهر جبل مان گرينائيٽ پٿر جي ڪٽائي سميت ٻين ليزن کي اڳ ئي رد ڪري چڪا آهيون عدالت43 ڏينهن بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، حڪم ڏنو ويو ته جيڪڏهن ڪا ليز آهي ته اها به رد سمجهي وڃي عدالت چيو ته ڪارونجهر جبل تي قائم مندرن توڙي ٻين عبادتگاهن کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته وائلڊ لائيف کاتو ڪارونجهر تي جانورن توڙي پکين جي سار سنڀال لهڻ سان گڏ ٻوٽا به لڳائي عدالت پاران 15 صفحن تي مشتمل تفصيلي آرڊر ۾ ڪارونجهر جي تصويرن سميت آئيني ۽ قانوني نقطن جو به ذڪر ڪيو ويو 2021ع ۾ پٽيشنر منور علي ۽ الله رکيو کوسو وڪيلن غلام مصطفيٰ هڱورجو معرفت پٽيشن داخل ڪرائي هئي وڪيلن موجب ڪارونجهر جي مذهبي توڙي ثقافتي اهميت آهي جنهن کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي فيصلو جسٽس فيصل ڪمال عالم ۽ عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل ڊويزن بئنچ ٻڌايو

پهنجو تبصرو موڪليو