کير جي اگهن ۾ گهٽتائي جو ڪمشنر ڪراچي کي نوٽيس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ کير جي اگهن ۾ گهٽتائي تي ڪمشنر ڪراچي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.ڪمشنر ڪراچي ۾ ڊيري فارمرز جي ريٽ لسٽ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.درخواستگذار جي وڪيل منصف جان ايڊووڪيٽ چيو ته کير جي اگهن ۾ گهٽتائي اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت کانسواءِ ڪئي وئي.وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊيري فارمرز کي کير 196 رپيا في ڪلو ملندو هو، ڪمشنر ڪراچي کير 200 رپيا في ڪلو وڪرو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.درخواستگذار جي وڪيل منصف جان ايڊووڪيٽ چيو ته ڪمشنر ڪراچي پاران کير جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو