اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کنڊ جي اگهه جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ کي ڪيس جو جلد فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ کي کنڊ جي اگهه واري ڪيس جي فيصلي لاءِ 30 سيپٽمبر کان روزاني بنيادن تي ٻڌڻي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته سپريم ڪورٽ کنڊ جي قيمتن جي مقرري تي حڪم ڏنو هو، ڪنهن به چئلينج نه ڪيو.جسٽس اعجاز الحسن پڇاڻو ڪيو ته معاملو اڃا هاءِ ڪورٽ ۾ التوا ۾ آهي ته پوءِ ان تي فيصلو ڪيئن ٿا ڏين؟ لاهور هاءِ ڪورٽ کي پهريان ان معاملي جو فيصلو ڪرڻ ڏيو.ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته کنڊ جو اگهه 98 رپيا في مڻ مقرر آهي جڏهن ته شگر ملز مالڪ 200 رپيا في مڻ وڪرو ڪري رهيا آهن.جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اگهه مقرر ڪرڻ وارو قانون ختم ڪيو وڃي ته معاملو ختم ٿي ويندو.ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته شگر ملون پنجاب حڪومت يا وفاقي حڪومت جو مقرر اگهه قبول نه ٿيون ڪن.جسٽس اعجاز الحسن چيو ته هو لاهور هاءِ ڪورٽ کي 13 سيپٽمبر کان روزاني بنياد تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهيا آهن.ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ کنڊ جي اگهه جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ کي ڪيس جو جلد فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.شگر مل مالڪن ڪمند جي اگهن ۾ واڌ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ حڪومت پاران ڪمند جي مقرر ڪيل قيمتن کي معطل ڪري ڇڏيو.وفاقي حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.
