ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم

سکر: (ن س) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ امن امان لاءِ سنڌ ۾ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري پوليس کي ٻن مهينن اندر اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ سکر پوليس، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور ۾ پوليس آپريشن بابت رپورٽ جمع ڪرائي.سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي 2 رڪني بينچ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار صحافي لالا شهباز پٺاڻ پاران وڪيل بئريسٽر خان عبدالغفار خان معرفت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران بئريسٽر خان عبدالغفار خان، درخواستگذار، پوليس جا نمائندا ۽ واسطيدار پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران پوليس طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت پاران گڏيل طور تي ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف ڪچي ۾ آپريشن جاري آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي، ڏوهارين جو خاتمو آڻي عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.ٻڌڻي دوران بئريسٽر خان عبدالغفار خان چيو ته سکر, ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ سکر جي ڪچي ۾ ڏوهارين جا محفوظ ٿاڪ بڻيل آهن جتي پوليس به نٿي پهچي سگهي، ڪچي جا علائقا پوليس لاء نوگو ايريا بڻيل آهن، شھيد جان محمد مهر , پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن ڪچي جي ڏوهارين وٽ پناه ورتي آهي. ڏوهارين اقليتي برادري سميت ڪيترن ئي ماڻھن کي ڀنگ لاء اغوا ڪيو آهي. ٻه سال اڳ سکر جي سنگرار واري علائقي مان معصوم نياڻي پريا ڪماري کي به اغوا ڪيو ويو هو. امن و امان جي قيام لاء پاڪ فوج ۽ رينجرز ذريعي ڪچي ۾ آپريشن لاء مستقل قدم کنيا وڃن.سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس طرفان رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد اڳڀرائي رپورٽ ٻن مهينن اندر طلب ڪري ورتي. عدالت طرفان جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڪچي ۾ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن مڪمل ڪري امن امان قائم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو