اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي 3 ايم پي اوز جا اختيار وڌيڪ حڪمن تائين استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر ڪهڙي اختيار تحت ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ايم پي او آرڊر جاري ڪري رهيو آهي؟ ان موقعي تي لا آفيسر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فوجي آمر جي دور جو 1965 جو نوٽيفڪيشن پيش ڪيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسٽيٽ ڪائونسل جو جواب غير تسلي بخش قرار ڏيندي اٽارني جنرل کي مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.عدالت ڊي سي اسلام آباد کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ايم پي او جو ڪو به حڪم جاري نه ڪيو وڃي.جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب توهان سمجهو ٿا،؟ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن شهريار آفريدي ۽ شاندنا گلزار کي ڪنهن به صورت ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
