اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آءِ ايس آءِ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي سربراهي ۾ پاڪستان جو وفد اهم مشن تي ڪابل پهچي ويو آهي. 15 آگسٽ تي طالبان جي ڪابل تي قبضي بعد هي پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن ملڪ جو وفد افغانستان جي سرڪاري دوري تي آهي. جيتوڻيڪ طالبان اڃا حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ناهي ڪيو پر اه هڪ وڏي ڊولپمينٽ آهي.ذريعن موجب پاڪستاني وفد طالبان اڳواڻڻ سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪندو.سيرينا هوٽل ڪابل ۾ هو چاءِ پي رهيو هو ۽ جڏهن کائنس پڇو ويو ته هن چيو ته هو پاڪستاني سفير سان ملڻ آيو آهي.











