ڊي ايس پي عمير بجاري جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مقامي عدالت گهر ۾ ڌاڙي جي وارڌات ۾ ملوث ڊي ايس پي کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي عدالت جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪري ورتي ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت اڳيان اورنگي ٽائون ۾ تاجر جي گهر ۾ ڌاڙي جي ڪيس ۾ پير آباد پوليس گرفتار ڊي ايس پي کي پيش ڪيو جاچ آفيسر ٻڌايو ته ڊي ايس پي تي تاجر شاڪر خان جي گهر ۾ 2 ڪروڙ رپين جي ڌاڙي جو الزام آهي جوابدارن گهر مان 70 کان 80 تولا سون به چوري ڪيو ڌاڙي جي واردارت ۾ ٻه گن مين خرم علي ۽ فرحان علي به ڪيس ۾ گهربل آهن عدالت ڊي ايس پي عمير طارق کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو پوليس مطابق ڪيس تاجر فريادي شاڪر جي مدعيت ۾ پيرآباد ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. فريادي بيان ۾ چيو هو ته عمير طارق ۽ ان جا ٻه گن مين پوليس ڪانسٽيبل خرم علي ۽ پوليس ڪانسٽيبل فرحان علي ۽ ٻيا 15 کان 20 پوليس يونيفارم ۽ سول ڊريس ۾ پرائيويٽ ماڻهو منهنجي گهر ۾ گهڙيا مون سميت گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي 2 ڪروڙ رپيا ۽ 70 کان 80 تولا سون کڻي ويا جوابدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو