حيدرآباد: (ن س) ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد لياقت جسڪاڻي ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته لياقت جسڪاڻي جي ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي. ڊي ايس پي لياقت جسڪاڻي جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. حادثو ڪيئن پيش آيو اهو چوڻ وقت کان اڳ آهي.آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد لياقت جسڪاڻي جي ڪار حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سوڳوار خاندان کي صبر عطا ڪري.سنڌ پوليس جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پڻ لياقت جسڪاڻي جي لاڏاڻي تي ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.










