لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ادارن خلاف اشتعال انگيز بيان ۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابڙو گل خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.پوليس عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ بغاوت ۽ ماڻهن کي فساد تي ڀڙڪائڻ جون نيون شقون شامل ڪيون ويون آهن.ڊاڪٽر ياسمين راشد خلاف سرور روڊ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
