ڊالر 278 رپيا 35 پئسا ٿي ويو، ايڪسچينج ۾ مثبت شروعات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 5 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ 5 پئسا گهٽتائي سان 278 رپيا 35 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 30 پئسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 228 پوائنٽن جي واڌ سان 80 هزار 900 جي سطح تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 80,672 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو