چيني وزير جو ايراني ۽ سعودي هم منصبن سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ رابطو

بيجنگ: (ويب ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزير ايراني ۽ سعودي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب چين علاقائي ۽ پاڙيسري ملڪن کي نشانو نه بنائڻ جي ايران جي قدم جي تعريف ڪئي. ايراني پرڏيهي وزير سان ڳالهين ۾ چيني پرڏيهي وزير چيو ته يقين آهي ته ايران پنهنجي خودمختاري جي حفاظت ڪندي صورتحال کي بهتر طريقي سان سنڀالي وٺندو ۽ خطي کي وڌيڪ انتشار کان بچائيندو.چيني پرڏيهي وزير چيو ته شام ۾ ايراني سفارتخاني تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ۽ مخالفت ڪريون ٿا، واقعو عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي.ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته علائقائي ڇڪتاڻ کان آگاهه آهيون ۽ صبر سان ڪم وٺڻ تي به راضي آهيون. ايران وڌيڪ ڇڪتاڻ جو ڪوبه ارادو نٿو رکي.ٻئي طرف چين جي پرڏيهي وزير سعودي هم منصب سان به رابطو ڪيو. جنهن ۾ هن چيو ته چين وچ اوڀر ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ رياض سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.ان دوران سعودي پرڏيهي وزير چيو ته موجوده صورتحال تي چين سان فعال ۽ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد آهي. سعودي عرب چين تي مڪمل ڀروسو ڪري ٿو. غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگبندي لاءِ چين سان رابطا مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو