لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ پوليس پرويز الاهي کي سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس امجد رفيق جي حڪم باوجود پوليس پرويز الاهي کي لاهور مان گرفتار ڪيو، جنهن تي جسٽس امجد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سيشن جج اٽڪ کي پرويز الاهي کي بازياب ڪرائي کيس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته عدالت جي آءِ ٽي اسلام آباد به پهتي هئي. توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو پر بعد ۾ جسٽس امجد رفيق جي بينچ تبديل ڪئي وئي.جسٽس امجد رفيق کانپوءِ جسٽس مرزا وقاص رئوف اڱاري ڏينهن پرويز الاهي جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سيشن جج اٽڪ ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل عدالت ۾ پيش ٿيا، پر سيشن جج پرويز الاهي کي گڏ نه وٺي آيو.ٻڌڻي دوران عدالت سيشن جج کان پڇاڻو ڪيو ته پرويز الاهي کي ڪالهه 11 وڳي اسلام آباد پوليس حوالي ڪيو ويو، توهان ڪڏهن جيل پهتا؟ ان تي سيشن جج چيو ته جيل پهچڻ بعد جيل ۾ پهتو ته پرويز الاهي جيل ۾ ناهي.حڪومتي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته چيڪ اپ کانپوءِ پوليس لائن اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي، ان تي عدالت چيو ته سي پي او ۽ ڊي پي او ڪٿي آهن، انهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڇو ڪئي وڃي؟ ڪٿي آهن سپرنٽينڊنٽ جيل؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ چيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ ڪجهه سببن جي ڪري پيش نه ٿي سگهيو.بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪندي آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ چيف ڪمشنر کي طلب ڪري ورتو.عدالت ڊي پي او اٽڪ ۽ سي پي او راولپنڊي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي ۾ جسٽس مرزا وقاص چيو ته هو ڪمشنر اسلام آباد کي پرويز الاهي کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهيا آهن، ان ڪري عدالت آڏو آهي، چيف ڪمشنر اسلام آباد عدالت جي حڪم تي عمل نه ڪيو، چيف ڪمشنر پيش ٿيو. عدالت اسلام آباد جي ٻن آفيسرن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
