اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ پنهنجا ڪيترائي انتظامي اختيار رجسٽرار کي حوالي ڪري ڇڏيا.سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ججز اسلام پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي معاملن ۾ رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي مڪمل اختيار حاصل هوندا.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پي اي سي معاملن تي رجسٽرار جو فيصلو فل ڪورٽ يا چيف جسٽس جي منظوري سان مشروط هوندو. نوٽيفڪيشن موجب رجسٽرار چيف جسٽس جي منظوري سان آڊٽ اينڊ ڊپارٽمينٽل اڪائونٽس ڪميٽي به معاملا هلائيندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽرار چيف جسٽس جي منظوري سان سپريم ڪورٽ جي سالياني بجيٽ پلان کي به حتمي شڪل ڏيندو.
