چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پروٽوڪول واپس ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس جو مختص پروٽوڪول واپس ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي ذريعن موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وٽ رڳو 2 پروٽوڪول گاڏيون بچيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اربع ڏينهن سپريم ڪورٽ رجسٽري مان واپسي دوران چيف جسٽس جي گاڏي سمورن سگنلز تي بيهي رهي.ذريعن موجب چيف جسٽس هدايت ڪئي آهي ته پائلٽ کي گاڏي جي اڳيان نه رکيو وڃي ۽ سفر دوران عام ٽريفڪ هلندي. ياد رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس وٽ 10 کان 12 پروٽوڪول گاڏيون مختص ڪيون ويون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو