اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس طلب ڪري ورتو.سپريم ڪورٽ جي جج لاءِ وقتي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ عرفان سادات جو نالو تجويز ڪيو ويو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عرفان سادات جو نالو تجويز ڪيو آهي. جڊيشل ڪميشن جو اجلاس سڀاڻي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ ٿيندو.سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت ججن جون 2 اساميون خالي آهن.ذريعن موجب اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري جي طريقيڪار بابت به تجويزون طلب ڪيون ويون آهن.اجلاس ۾ جڊيشل ڪميشن جي ميمبرن جي تجويزن تي به غور ڪيو ويندو.
