سپريم ڪورٽ ۾ مشڪل ۽ اهم ڪيس مقرر ٿيڻ وارا آهن،چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته عام چونڊن ۽ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيندي.سپريم ڪورٽ ۾ پاڪ- عرب ريفائنري ملازمن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ مشڪل ڪيس اچي رهيا آهن، ان دوران ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو.ملازمن جي وڪيل استدعا ڪئي ته پاڪ عرب ريفائنري ملازمن جو ڪيس 15 ڏينهن بعد اڪلايو وڃي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته هو 2 مهينن کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندو.سپريم ڪورٽ پاڪ عرب ريفائنري ڪيس جي ٻڌڻي 2 مهينن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو