چندريان 3 جي روور لينڊنگ جي ويڊيو جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي خلائي مشن چندرايان 3 جي چنڊ جي ڏکڻ قطب تي لينڊنگ جي پهرين وڊيو جاري ڪئي وئي آهي.ڀارتي خلائي ايجنسي انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن (اسرو) هي وڊيو مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ روور کي لينڊر مان چنڊ تي لينڊ ڪندي ڏٺو وڃي ٿو.ISRO پاران شيئر ڪيل هڪ مختصر عرصي واري وڊيو ۾، روور کي لينڊر کان چنڊ جي مٿاڇري تي لينڊ ڪندي ۽ پنهنجو سفر شروع ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.ان کان اڳ چندريان 3 جي پهرين چنڊ جي مٿاڇري جون تصويرون پڻ پهريون ڀيرو چنڊ تي لينڊ ڪرڻ کان پوء جاري ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو