’ڀارت انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پروپيگنڊا پيو ڪري‘

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڀارتي فوج جو بي بنياد پروپيگنڊا سندن مايوسي جو مظهر آهي ، ڀارتي پروپيگنڊا جو مقصد ڀارت جي اندروني تڪرارن ۽ والاريل ڪشمير سميت مختلف علائقن ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ بابت دشمن قوتن جي ارادن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ امن ۽ سلامتي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

جو مقصد ڀارت جي اندروني تڪرارن ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ آهي. ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت وزيراعظم جي بيان بابت  به غور ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو