ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارجي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ڀاءُ جي قاتل جي موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاليه نيلم جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ جوابدار گلريز جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو ٻڌايو، جنهن موجب جوابدار گلريز پنهنجي ڀاءُ محمد وقاص کي قتل ڪيو هو.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽرائل ڪورٽ مجرم کي 2020ع ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي، مقتول جي زال پاران ڏوهاري گلريز خلاف شيخوپوره ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر موجب ڏوهاري گلريز پنهنجي ڀاءُ محمد وقاص کي ڇري جو وار ڪري قتل ڪيو هولکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته جاچ آفيسر اعتراف ڪيو ته چاقو فرانزڪ ليب ڏانهن نه موڪليو ويو، جوابدار کي بچائڻ لاءِ مقتول جي ماءُ ۽ پيءُ جا بيان قلمبند ڪيا ويا. اهو سچ آهي ته مقتول جي زال سدرا جي گهروارن هن جو ساٿ نه ڏنو.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته سدرا پنهنجي مڙس محمد وقاص کي زخمي حالت ۾ شاهده اسپتال منتقل ڪيو هو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو