ٿرپارڪر ، ڊاڪٽر پاران پيٽرول هاري خودڪشي جي ڪوشش، حالت نازڪ

ٿرپارڪر ، ڊاڪٽر پاران پيٽرول هاري خودڪشي جي ڪوشش، حالت نازڪ

ٿرپارڪر: (ن س) سنڌ جي علائقي ٿرپارڪر جي هڪ ٻئي ڊاڪٽر مبينا طور تي پيٽرول ڇنڊي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. اکين ڏٺن شاهدن موجب، اسلام ڪوٽ هيلٿ سينٽر ۾ مقرر ڊاڪٽر راول ميگهواڙ پنهنجي گهر ٻاهران گهٽي ۾ پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، اطلاع تي پوليس پهچي ڊاڪٽر کي نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته 28 سالن جي ڊاڪٽر راول ميگهواڙ جو جسم باهه ۾ 50 سيڪڙو سڙي ويو آهي.ٻئي طرف ڊاڪٽرن جي ٽيم جو چوڻ آهي ته متاثر ڊاڪٽر جي حالت نازڪ آهي ۽ کيس ضلعي جي هڪ وڏي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه، پوليس وڌيڪ چيو ته واقعي جو سبب اڃا تائين سامهون نه آيو آهي ۽ مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو