دادو(ن س)پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار رفيق احمد جمالي چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه آبادگارن جي ڀلائي لاءِ ڪوشان رهي آهي ۽ بنا ڪنهن فرق جي عوامي خدمت ڪئي آهي. هن پڇڙي جي آبادگارن پاران ڏنل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پڇڙی جي آبادگارن جو بهترين فصل ڏسي انتهائي خوشي ٿي آهي ۽ انشاءَالله ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ ڪوششون ڪري علائقي جي رهيل زمين کي به آباد ڪيو ويندو.سردار رفيق احمد جمالي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران آبادگارن کي هاري ڪارڊ فراهم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻج، ڀاڻ ۽ ٻين زرعي سهولتن تي وڏي پيماني تي سبسڊي پڻ ڏني پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جوهي بئراج جي رهيل کاٽي مڪمل ڪرائي ويندي، ڊيئا ۽ مانڊول به ٺهرايا ويندا، جڏهن ته شاخن ۽ واٽر ڪورسن جي صفائي جو ڪم پڻ ڪرايو ويندو.هن يقين ڏياريو ته آبادگارن کي هر سال واضح بهتري نظر ايندي.تقريب دوران پڇڙی جي آبادگارن سردار رفيق احمد جمالي تي گلن جي ورکا ڪئي ۽ سنڌ جي روايتي سوکڙي طور اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ پٽڪو پارائي ڀرپور آجيان ڪئی۔ تقريب کي عبدالمجيد جمالي صدر پي پي پي تعلقه جوهي، جان محمد پهوڙ انفارميشن سيڪريٽري پي پي پي تعلقه جوهي، مير مرتضيٰ جمالي انفارميشن سيڪريٽري پي پي پي سٽي جوهي، عبداللطيف جمالي آبادگار اڳواڻ سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.










