پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملو ڪيس: اسد عمر خلاف ڪيس واپس

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي وي، پارليامينٽ مٿان حملي جي ڪيس ۾ جاچ آفيسر اسد عمر جي خلاف ڪيس واپس وٺڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج عبدالغفور ڪاڪڙ اسد عمر جي خلاف پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ پوليس جا جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر اڳوڻي وزير جي خلاف ڪيس واپس وٺڻ جو بيان ڏنو ۽ چيو ته هن ڪيس ۾ اسد عمر جي گرفتاري جي ضرورت نه آهي.عدالت ۾ پوليس جي بيان کان پوءِ اسد عمر جي وڪيلن درخواست واپس وٺي ڇڏي جڏهن ته عدالت جاچ آفيسر جي بيان جي روشني ۾ اسد عمر جي ضمانت واري درخواست اڪلائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو