ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) سنڌ جي صدر نور الله ترين جي ايم پي او تحت نظربندي بابت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) سنڌ جي صدر نورالله ترين جي ايم پي او تحت نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت جيل سپرنٽينڊنٽ کي نور الله ترين جي مائٽن سان ملڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جيل قانون موجب کين نور الله ترين جي ويجهن مائٽن سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. درخواستگذار جي وڪيل قادر خان چيو ته نورالله کي 5 آڪٽوبر تي غيرقانوني طور تي حراست ۾ ورتو ويو، 2 ڏينهن غير حاضر رهڻ بعد هن 7 آڪٽوبر تي ايم پي او تحت گرفتاري ظاهر ڪئي، 7 آڪٽوبر تي کيس ٻڌايو ويو ته ايم پي او تحت کيس حراست ۾ ورتو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
