ڪميشن جو فيصلو بحال، پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان“بيٽ” واپس

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ 6 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.فيصلو پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن لکيو، جنهن ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل اعتراض اٿاريو ته پشاور هاءِ ڪورٽ اختيار کي نظر انداز ڪندي حڪم نامو جاري ڪيو هو.فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ڪيس ۾ اهم ڌر کي ٻڌڻ کانسواءِ ئي حڪم نامو جاري ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته درخواستگذار کي مليل رليف سڄو ڪيس متاثر ڪيو آهي.لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد حڪم نامو واپس وٺي رهيا آهيون، اليڪشن ڪميشن کي آئين ۽ قانون موجب چونڊون ڪرائڻ گهرجن.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ به پنهنجي فيصلن ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، اهم درخواست ۾ درخواستگذار جا خدشا ٻڌا ويندا.پشاور هاءِ ڪورٽ جي لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بنيادي درخواست جي ٻڌڻي پهرين مقرر تاريخ تي ٿيندي… ان کان اڳ ٻڌڻي ٿي جنهن دوران اليڪشن ڪميشن جو وڪيل ۽ تحريڪ انصاف جو سينيئر وڪيل قاضي انور ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي جي شروعات تي پي ٽي آءِ جي وڪيل قاضي انور سوال ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف عدالت ۾ اچي سگهي ٿي؟ سندن رٽ درست ناهي، 26 ڊسمبر تي فيصلو آيو، ان تي اڃا تائين عمل ناهي ٿيو، اليڪشن ڪميشن اڃا تائين انٽرا پارٽي اليڪشن سرٽيفڪيٽ ويب سائيٽ تي جاري ناهي ڪيو.جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جي طرفان توهين عدالت جو ڪو ڪيس آهي؟ ان تي قاضي انور چيو ته اسان جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن ڇا ڪيو؟ اليڪشن ڪميشن کي ويب سائيٽ سرٽيفڪيٽ ڏيڻ سان ڪهڙو مسئلو آهي، هڪ پارٽي کي پاسيرو رکڻ اليڪشن ڪميشن ۽ جمهوريت لاءِ سٺو ناهي، اليڪشن ڪميشن کي سياسي پارٽي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي ها، اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائي.ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.ڪجهه ڪلاڪن بعد عدالت اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن جو 22 ڊسمبر جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو.عدالت پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان واري ڪيس ۾ حڪم نامو واپس وٺي پي ٽي آءِ جو بيٽ نشان هڪ ڀيرو ٻيهر ختم ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو