پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي خلاف هڪ وڌيڪ ريفرنس داخل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نيب 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو.نيب راولپنڊي طرفان احتساب عدالت اسلام آباد ۾ داخل ڪرايل ريفرنس ۾ فرح گوگي، ذلفي بخاري، شهزاد اڪبر ۽ ٻين جا نالا به جوابدار طور شامل آهن.نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر مظفر عباسي جاچ آفيسر ميان عمر نديم سان گڏجي عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرايو.احتساب عدالت جي رجسٽرار آفيس طرفان ريفرنس جي جاچ پڙتال شروع ڪئي وئي آهي.نيب راولپنڊي طرفان داخل ريفرنس ۾ ڪل 8 جوابدارن جا نالا ڏنا ويا، جن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي کان علاوه فرح گوگي، ذلفي بخاري، شهزاد اڪبر، بيرسٽر ضياءُ مصطفيٰ ۽ ٻيا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو