اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڪرنڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ضمانت رد ڪندي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق 10 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڏوهن جي اڀار، سازش يا مدد ڪرڻ کي بنيادي ڏوهه سمجهيو ويندو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بابت شقن ۾ سزا عمر قيد، موت جي سزا آهي، شاهه محمود قريشي کي به ان ئي حوالي سان ڏٺو ويندو. عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ضمانت سزا ۾ رڪاوٽ نه آهي، عدالتون عمر قيد ۽ موت جي سزا وارن جوابدارن جي ضمانت ۾ محتاط رهنديون آهن، جڏهن ته اهڙن ڪيسن ۾ ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي جيستائين ڪو معقول سبب نه هجي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت ضمانت رد ڪندي 4 هفتن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
