پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل ٽرائل خلاف اپيل رد، حڪم جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي رجسٽرار آفيس درخواست تي اعتراض اٿاريا، درخواستگذار جي وڪيل جي دليلن تي آفيس کي درخواست نمبر ڏيڻ جي هدايت ڪئي.عدالت پاران چيو ويو آهي ته درخواست داخل ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو فيصلو عدالتي حڪم تي ڪيو ويندو.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز لکت ۾ حڪم جاري ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو