اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان چيئرمين پي ٽي آءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي.درخواست پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل لطيف کوسا داخل ڪئي آهي.درخواست آئين جي آرٽيڪل 186 اي تحت داخل ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته منهنجا سمورا ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان لاهور يا پشاور هاءِ ڪورٽ منتقل ڪيا وڃن، منهنجي خلاف سموريون انڪوائريون ۽ ٽرائل به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان منتقل ڪيا وڃن.اڳوڻي وزيراعظم استدعا ڪئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي منهنجا سمورا ڪيس ٻڌڻ کان روڪيو وڃي، مون کي قانوني حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هميشه منهنجا ڪيس ٻڌندو آهي.
