چونڊ نشان “بيٽ” ڪيس 10 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي بيٽ جي نشان لاءِ داخل درخواست 10 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ ليول پليئنگ فيلڊ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ حامد خان کي عدالت طلب ڪيو جنهن تي هو روسٽرم تي آيو. چيف جسٽس حامد خان کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جي درخواست سڀاڻي طئي ٿيڻ گهرجي؟ جنهن تي حامد خان درخواست ڪئي ته ٻڌڻي اڄ مقرر ڪئي وڃي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اڄ 9 رڪني بينچ آهي ۽ خاص بينچ به آهي، حامد خان چيو ته اسان جي ترجيح اڄ آهي، جيڪڏهن نه ته سڀاڻي،چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان فيصلي خلاف آيا آهيو يا 184/3 جي درخواست آهي؟ حامد خان چيو ته هو پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف 185/3 ۾ سپريم ڪورٽ آيو آهي.چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن معاملو ججز ڪميٽي ڏانهن نه وڃي ها ته ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تي ٿيندي.بعد ۾ عدالت بيٽ مارڪ ڪيس جي ٻڌڻي 10 جنوري تي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو