پي ٽي آءِ ليول پليئنگ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين گوهر خان صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو.پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ عام چونڊن جي شفاف ۽ برابري واري راند لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.درخواست آئين جي آرٽيڪل 184 (3) تحت داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ صوبائي حڪومتن کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف کي ليول پلیئنگ فيلڊ ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ پارٽين کي هدايتون جاري ڪري ۽ اسان جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي هراسان ڪرڻ بند ڪري.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارن کان نامزدگي ڪاغذ واپس ورتا پيا وڃن، اسان جي پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو برابر حق ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو