اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سينيٽر سيف الله ابڙو خلاف نااهلي ريفرنس داخل ڪيو آهي.سينيٽر سيف الله ابڙو خلاف نااهلي ريفرنس پارلياماني ليڊر سينيٽر علي ظفر پاران داخل ڪيو ويو آهي، ڊپٽي پارلياماني ليڊر سينيٽر عون عباس بپي سيڪريٽري سينيٽ وٽ ريفرنس داخل ڪيو آهي.داخل ڪيل ريفرنس ۾ سينيٽر سيف الله ابڙو کي فلور ڪراسنگ جي ڪري نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.متن ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽر سيف الله ابڙو 27 هين آئيني ترميم تي پارٽي هدايت جي خلاف ووٽ ڏنو، پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي متفقه طور تي 27 هين آئيني ترميم جي مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.متن ۾ چيو ويو آهي ته پارلياماني ليڊر پي ٽي آءِ جي تحريري هدايتن جي باوجود، سيف الله ابڙو 10 ۽ 15 نومبر 2025 تي 27 هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو. پي ٽي آءِ پاران سيف الله ابڙو کي سبب ڏيکارڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو. سبب ڏيکارڻ جي نوٽيس جو ڪو به جواب مقرر مدت اندر نه مليو.متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پارٽي هدايت جي خلاف ورزي ڪندي، آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿئي ٿو، پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو کي پارٽي مان منحرف قرار ڏنو.متن موجب، سيف الله ابڙو خلاف جلد کان جلد اليڪشن ڪميشن کي ريفرنس موڪلڻ جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي.










