اِي سي پي سڀني جماعتن کي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪري، عدالت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي 3 وڳي ملاقات ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي عام چونڊن ۾ برابري جي ميدان بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻين ميمبرن ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن.هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل نياز الله نيازي عدالت کي ٻڌايو ته تحريڪ انصاف درخواست جمع ڪرائي آهي، پي ٽي آءِ اميدوارن کي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي اجازت ناهي ڏني پئي وڃي، اسان جي اميدوارن کي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان روڪيو پيو وڃي.وقتي چيف جسٽس جسٽس سردار طارق مسعود پڇاڻو ڪيو ته توهان جو اميدوار اشتهاري آهي ته هو نامزدگي ڪاغذ ڪيئن جمع ڪرائيندو؟وڪيل نياز الله نيازي چيو ته عمير نيازي عدالت ۾ موجود آهي، سندس والد جا نامزدگي ڪاغذ ڦاڙيا ويا، هن وقت تائين اليڪشن ڪميشن بٽ جو نشان الاٽ ڪرڻ بابت فيصلو ناهي ڏنو.وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان سردار طارق مسعود چيو آهي ته سندس ئي نوڪر چئي رهيا آهن ته انٽرا پارٽي اليڪشن سٺي ناهي ٿي.جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وئي آهي؟ وڪيل نياز الله نيازي جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن کي به اطلاع ڏنو ويو آهي، اسان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وڃي، ملڪ ۾ جنگل جو قانون آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو