پي ٽي آءِ باني خلاف ڪيس جي ٻڌڻي تي اسٽي ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي کان روڪي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ باني جي نااهلي ڪيس جي ان ڪئميرا ٽرائل خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ دليل ڏنا.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته سائفر ڪيس بابت جيڪي دستاويز گهرايا ويا، اهي ڪٿي آهن؟،اٽارني جنرل چيو ته رڪارڊ اچي ويو آهي، رڳو نمبرنگ ٿي رهي آهي، ڪجهه دير ۾ پيش ڪيو ويندو،سلمان اڪرم راجا تحريڪ انصاف جي باني جي درخواست تي ان ڪئميرا ٽرائل خلاف دليل ڏيندي درخواست ڪئي ته 14 ڊسمبر جي حڪم کانپوءِ جي ڪارروائي ڪالعدم ڪئي وڃي،ايڊووڪيٽ سلمان اڪرم راجا چيو ته هن اعتراف ڪيو آهي ته 14 ڊسمبر جو حڪم درست نه هو،جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو،اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو ته 14 ڊسمبر کان پوءِ ڪيس جي ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو