خان جي نااهلي خلاف درخواست تي ڪميشن کي نوٽيس

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني جي نااهلي خلاف درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.عدالت پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.جسٽس شاهد بلال حسن جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني جي توشه خاني ڪيس ۾ نااهلي ۽ انٽرا پارٽي چونڊن خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ۾ جسٽس شاهد بلال رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ڪيس جي باضابطه ٻڌڻي کان اڳ فيصلو ڪندي، اليڪشن ڪميشن طرفان ڪير پيش ٿيو آهي. ان تي شريڪ وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن جا وڪيل موڪلن تي آهن.جسٽس شاهد بلال چيو ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جي غير موجودگي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ مناسب نه هوندو.ٻڌڻي دوران بئريسٽر علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ 8 فيبروري جي تاريخ ڏني آهي.جسٽس شاهد ڪريم چيو ته نااهلي ڪيس ۾ ڌرين کي نوٽيس وٺي ٻڌون ٿا، لاهور هاءِ ڪورٽ کي درخواست ٻڌڻ جو اختيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو