اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر کي اسلام آباد پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، کيس پوليس جي بکتربند گاڏي ۾ عدالت آندو ويو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.پي ٽي آءِ طرفان شعيب شاهين، بئريسٽر گولي ۽ سردار مصروف عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ بني گالا ٿاڻي جو جاچ آفيسر به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ قيصر کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جي درخواست ڪئي. جاچ آفيسر چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس جي اچڻ تائين عدالتي ڪارروائي ڪئي وڃي، اسد قيصر کي جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪليو وڃي. جاچ آفيسر جي موقف تي شعيب شاهين چيو ته اسد قيصر جي وڪيلن کي ٻڌايو وڃي ته پوليس ڇا چاهي ٿي، اسلام آباد پوليس کي اسد قيصر جي گرفتاري جو اختيار ڪنهن ڏنو؟ ڪالهه اليڪشن جو اعلان ڪيو ويو ۽ اڄ اسد قيصر کي گرفتار ڪيو ويو. شعيب شاهين اسد قيصر کي ڪيس مان بري ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته اسان حفاظتي ضمانت به ڪرائي رهيا آهيون. عدالت اسد قيصر جي جوڊيشل رمانڊ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن بعد ڪجهه دير کانپوءِ کيس اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
